ميرپورماٿيلو: فصلن جي اگھن ۾ هٿرادو لاٿ ڪرڻ خلاف آل پارٽيز جي سڏ تي ڌرڻو

ميرپور ماٿيلو ۾ فصلن جي اگھن ۾ هٿرادو لاٿ ڪرڻ خلاف آل پارٽيز جي سڏ تي ڌرڻو هنيو ويو آهي.

قومي عوامي تحريڪ ، جيئي سنڌ قومي محاذ ، ايس يو پي ، جيئي سنڌ محاذ  ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ آبادگارن پاران آبادگارن کي فصلن جا مناسب اگهه نه ملڻ خلاف ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو آهي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن جسقم ضلعي صدر فقير رمضان ڪلوڙ،ايس يو پي ضلع صدر حاتن خان شر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪرپٽ انتظاميا ۽ ملز مافيا ڳٺ جوڙي ڪري فصلن جا اگهه گهٽائي آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن.

هنن چيو ته ڦٽين جي سرڪار اگهه 8500 روپين بدران 6800 روپيا ڏنو پيو وڃي جڏهن ته سارين جو اگهه به ڪيرايو ويو آهي.

احتجاج ڪندڙن نگران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فصلن جو سرڪاري اگهه ڏئي آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.