نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جنگ بندي جو ٺهراءُ ويٽو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزا جنگ بندي جو ٺهراءُ برازيل پيش ڪيو جيڪو آمريڪا جي ويٽو ڪرڻ بعد ناڪام ٿي ويو.
برازيل طرفان پيش ڪيل ٺهراءَ ۾ انساني بنيادن تي جنگ بندي ۽ انساني امداد پهچ جو مطالبو ڪيو ويو هو.
سلامتي ڪائونسل ۾ جنگ بند جي ٺهراءَ تي 12 ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنا، ووٽنگ ۾ روس ۽ برطانيا غير حاضر رهيا جڏهن آمريڪا ٻيون ڀيرو سلامتي ڪائونسل ۾ غزا جنگ بندي جي ٺهراءَ کي ويٽو ڪيو.
ان کان اڳ روس ۽ برازيل جنگ بندي جو ٺهراءُ پيش ڪيو هو جيڪو ناڪام ٿيو هو.
Prev Post
You might also like