حماس جنگ ۾ انسانيت نه وساري، اسرائيلي ناري جي علاج جي وڊيو جاري

غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس غزا ۾ قيد اسرائيلي ناري جي علاج جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي.
حماس جي حملي کانپوءِ اسرائيل جون غزا ۾ وحشياڻيون ڪارروائيون جاري آهن ۽ هيل تائين غزا ۾ هزارين ٽن بارود ڪيرايو ويو آهي.
اسرائيل عورتن ۽ ٻارن کي به نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ تازن انگن اکرن موجب شهيد فلسطينين جو انگ 2900 ٿي ويو آهي، جن ۾ عورتن ۽ ٻارن جو به وڏو انگ شامل آهي.
پر ان جي ابتڙ حماس پنهنجي قيد ۾ موجود اسرائيلي ناري جي علاج جي وڊيو جاري ڪئي آهي.
وڊيو ۾ شوهم سان واسطو رکندڙ 21 ورهين جي ميا شيم ٻڌايو ته مان خيريت سان آهيان، منهنجي ٻانهن زخمي هئي، جنهن جي سرجري ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته مون کي سٺين حالتن ۾ رکيو ويو آهي، کاڌو، پيتو ۽ دوائون به فراهم ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.