ڪولمبيا اسرائيل جي سفير کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

بگوٽا (ويب ڊيسڪ) ڪولمبيا غزا ۾ غير انساني بمباري ۽ ظلمن تي اسرائيل جي سفير کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري اداري موجب ڪولمبين صدر گسٽاووپيٽرو چيو آهي ته اسرائيل طرفان غزا جو گھيراءُ نازي قدمن جهڙو آهي، جمهوري ماڻهو نازي ازم کي ٻيهر لاڳو ٿيڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگھن. اسان جو ملڪ نسل ڪشي جي حمايت نٿو ڪري سگھي.
هتي اها ڳالهه ذڪر ڪرڻ جوڳي آهي ته ڪولمبيا جا اسرائيل ۽ فلسطين ٻنهي ملڪن سان دوستاڻا لاڳاپا آهن پر اسرائيل جي هاڻوڪن جابراڻن قدمن ڪولمبيا کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.