ڪو دٻاءُ قبول نه ڪبو: ملائيشيا جو فلسطين معاملي تي اولهه کي جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم حماس سان لاڳاپن جي حوالي سان اولهه جي اعتراضن ۽ دٻاءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ حماس سان مستقبل ۾ به رابطن ۽ لاڳاپا جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هن چيو ته ملائيشيا حماس جي حوالي سان اولهه سان هڪ جهڙو موقف نٿو رکي. حماس سان لاڳاپا رکڻ ملائيشيا جي پاليسي جو حصو آهي جيڪو جاري رهندو.

ياد رهي ته حماس جي ويڙهاڪن پاران ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيل تي حملو ڪيو ويو هو جنهن بعد اسرائيل غزا تي بي رحماڻي بمباري ڪري رهيو آهي، سڄي دنيا اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.