ڇا سولر پينلز ختم ٿي ويندا؟ ماهرن نئون طريقو دريافت ڪري ورتو

برازيليا (ويب ڊيسڪ) برازيل جي سائنسي برادري لامحدود توانائي پيدا ڪرڻ جو رستو ڳولي رهي آهي ۽ هاڻ محققن هٿرادو (photosynthesis) فوٽوسنٿيسس (اهڙو عمل جنهن ۾ ڪجهه جاندار سج جي روشني جي توانائي کي جذب ڪري ان کي ڪيميائي توانائي ۾ تبديل ڪندا آهن) کي استعمال ڪرڻ جو طريقو ڳولي ورتو آهي جنهن سان ٻوٽا پنهنجي لاءِ توانائي پيدا ڪندا آهن.

ميڊيا رپورٽن موجب هٿرادو فوٽوسنٿيسس جو طريقيڪار نئين تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سائنسدانن ميٿين پيدا ڪرڻ لاءِ هٿرادو فوٽوسنٿيسس جي قدرتي عمل جو ڪاميابي سان نقل ڪيو. ان توانائي سان ڀرپور ٻارڻ پيدا ڪرڻ لاءِ رڳو  پاڻي، ڪاربن ڊاءِ آڪسائيد ۽ سج جي روشني جي ضرورت هوندي آهي.

[فائل-فوٹو]

محققن ۽ ڪازوناري ڊومن جي سائنسدانن جي ٽيم هڪ اهڙو نظام تيار ڪري شين کي هڪ قدم اڳتي کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا جيڪو سج جي روشني کي استعمال ڪندي پاڻي کي هائڊروجن ۽ آڪسيجن گيس ۾ ورهائي ٿو ۽ ٻوٽن جي استعمال ڪيل نظام جي گھڻو ويجهو کان نقتل ڪري ٿو.

ماهرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو هڪ اهڙو نظام آهي جيڪو پينلز جهڙو آهي. صرف سج جي توانائي کي استعمال ڪرڻ ۽ ان کي ذخيرو ڪرڻ بدران اسان هٿرادو فوٽوسنٿيسس جي انهيءَ نظام کي استعمال ڪيو جنهن تي ٻوٽا توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڀاڙيندا آهن. پر شهري جي تقاضن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل نظام کي وڌائڻ ڏکيو آهي. ٽيم پنهنجي ڇپايل مطالعي ۾ ان حوالي سان رنڊڪن ۽ ان جي امڪاني حل تي به بحث ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.