ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غزا تي اسرائيلي جارحيت ۽ عالمي برادري جي خاموشي خلاف جماعت اسلامي ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل تي مارچ ڪيو.
شاهراهه فيصل تي ٿيندڙ فلسطين مارچ ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، عورتن ۽ ٻارن به وڏي انگ ۾ مارچ ۾ شريڪ ٿي فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.
فلسطين مارچ ۾ وڪيلن جي تنظيمن جا نمائندا، ڪاروباري برادري ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو به شريڪ ٿيا.
مارچ سان خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته غزا ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف مسلم حڪمران سجاڳ ناهن، آمريڪا اسرائيل جي مدد ڪري سگهي ٿو ته پاڪستان حڪومت اڳتي ڇو نٿي وڌي؟
هن چيو ته وزيراعظم چين نه بيت المقدس جو رُخ ڪري، اسرائيل ۽ آمريڪا جي شڪست يقيني آهي، ان جو اهو ئي حشر ٿيندو جيڪو افغانستان ۾ آمريڪا جو ٿيو، جتي مائرون پنهنجي ٻارن کي شهادت جو درس ڏين، سڄي دنيا به انهن جي خلاف ٿي وڃي ته کين شڪست نٿي ڏئي سگهي.
You might also like