پرويز مشرف جي جماعت جو وجود ختم، ڊي لسٽ ٿي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان آل پاڪستان مسلم ليگ (اي پي ايم ايل) جي رجسٽريشن ختم ڪري ڇڏي ۽ چونڊ نشان به واپس وٺي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن آل پاڪستان مسلم ليگ جي تڪراري انٽرا پارٽي چونڊن تي محفوظ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ان فيصلي تي پهتي آهي ته آل پاڪتسان مسلم ليگ جو ڪو پارٽي عهديدار ناهي ۽ هاڻ پارٽي جو ڪو وجود ناهي.
فيصلي جي متن موجب اي پي ايم ايل 4 سالن کان پارٽي اثاثن جا تفصيل به جمع نه ڪرائي سگهي، تنهن ڪري ان کي ڊي لسٽ ڪيو وڃي ٿو.
اليڪشن ڪميشن چيو ته هٿرادو پارٽي عهديدارن طرفان چونڊ نشان جي درخواست رد ڪئي وڃي ٿي ۽ اي پي ايم ايل جو چونڊ عشان (باز) هاڻ مختص ٿيڻ لاءِ دستياب آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.