غزا تي اسرائيلي حملا جاري، 583 ٻارن سميت 1800 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

غزا (ويب ڊيسڪ) غزا تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري ستين ڏينهن به جاري آهي، جنهن ۾ هيل تائين شهيد فلسطينين جو انگ 1800 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 6 هزار کان وڌيڪ زخمي آهن.
فلسطين جي صحت واري وزارت موجب اسرائيل جي بمباري ۾ شهيد 1800 فلسطينين ۾ 583 معصوم ٻار آهن.
اسرائيل طرفان غزا شهر خالي ڪرڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏني وئي آهي ۽ فضا مان غزا ۾ پمفليٽ اڇلايا ويا آهن، جن ۾ لکيل آهي ته پنهنجا گهر فوري طور تي ڇڏي ڏيو ۽ غزا جي ڏکڻ پاسي هليا وڃو.
هوڏانهن گڏيل قومن غزا خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اسرائيلي الٽيميٽم جا نتيجا تباهي جي صورت ۾ نڪرندا، اسرائيل يو اين شيلٽر ۽ اسڪولن ۾ پناهه وٺندڙ فلسطينين کي نشانو نه بڻائي.
پر حماس غزا نه ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ پنهنجي بيان ۾ ترجمان خالد قدومي چيو ته غزا جا فلسطيني 1948 جيان ٻيهر پناهگير نه بڻجندا، غزا جي شهرين جو حوصلو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته فلسطيني پنهنجي زمين ڪڏهن نه ڇڏيندا، اسرائيل اهو قدم کڻي عالمي ادارن کي دٻاءَ ۾ آڻي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.