اتر ڪوريا، فلسطين جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا فلسطين جي حمايت جو اعلان ڪندي غزا ۾ رتوڇاڻ جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏئي ڇڏيو.
اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان هڪ انٽرويو ۾ چيو ته غزا ۾ ٿيندڙ ويڙهه اسرائيل طرفان فلسطينين سان مسلسل زيادتين جو سبب آهي، غزا ۾ ٿيندڙ رتوڇاڻ جو ذميوار اسرائيل آهي.
هن چيو ته اهو عربن يا مسلمانن جو نه پر آزادي جو مسئلو آهي، اسرائيل جنگي قانونن کي نظرانداز ڪري غزا تي مسلسل بمباري ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.