ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ زمينن جي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪيو ويو آهي.
روينيو واري نگران وزير يونس ڍاگا موجب سڄي سنڌ ۾ زمينن جو رڪارڊ ڊجيٽل ڪيو پيو وڃي، صوبي ۾ زمينن جي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ڄامشوري ۾ سڀ کان وڌيڪ زمينن جو رڪارڊ خراب آهي، زمينن جو رڪارڊ ڊجيٽلائز ڪرڻ جي حوالي سان ايراضي جي سروي ڪرائي پئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جو جي ڊي پي ڪيترو آهي ڪنهن کي علم ئي ناهي، زراعت ۾ ڇا ڪرڻو آهي، سنڌ ۾ ان تي ڪو پلان ئي ناهي.
Prev Post
You might also like