نگران حڪومت جو ايڪشن، سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران حڪومت صوبي ۾ جعلي ڀرتين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو.
حڪومت اسڪولن مان غير حاضر استادن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، جڏهن ته استادن جي ڀرتين جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي.
نوٽيفڪيشن موجب ڊائريڪٽر اسڪولز استادن جي ڊيٽا 15 ڏينهن ۾ جمع ڪري رپورٽ پيش ڪري، استادن جو وڏو انگ سرڪاري اسڪولن مان غير حاضر رهندو آهي.
تعليم واري نگران صوبائي وزير رعنا حسين چيو ته پهرئين مرحلي ۾ استادن جي مقرري، تعليم بابت جاچ ڪئي ويندي، جڏهن ته غير حاضر استادن کي نوڪري مان ڪڍيو ويندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڊائريڪٽر اسڪولز کان سروس بڪ سميت پهرين پگهار جي سلپ، اين او سي ۽ حاضري رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.
رعنا حسين چيو ته نون استادن جو وڏو انگ مقرري جو منتظر آهي، جن کي جوائننگ ڏيڻي آهي، تنهن ڪري غير حاضر ۽ ڪم چور استادن کي ڪڍي نوان استاد مقرر ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.