مريم نواز جي پٽ جنيد ۽ سندس گهرواري عائشا ۾ عليحدگي ٿي وئي

ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر ۽ سندس گهرواري عائشا وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي.
جنيد صفدر ۽ عائشا سيف 2021 ۾ شادي ڪئي هئي پر هاڻ ٻنهي وچ ۾ عليحدگي ٿي وئي آهي.
ان ڳالهه جي تصديق پاڻ جنيد صفدر انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري پوسٽ ڪري ڪئي.
جنيد صفدر لکيو ته منهنجي طلاق جي حوالي سان هلندڙ خبرون سوچيون آهن، اهو انتهائي نجي معاملو آهي، تنهن ڪري منهنجي ميڊيا کي درخواست آهي ته اسان جي پرائيويسي جو خيال رکيو وڃي.
هن وڌيڪ لکيو مون کي اميد آهي ته ان فيصلي سان اسان ٻنهي کي سڪون ملندو، انشاءَالله ان بابت وڌيڪ ڪجهه نه چوندس.
گڏوگڏ هن عائشا لاءِ به نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.