واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ٻارن جي قتل بابت آمريڪي صدر جو بائيڊن جو بيان ڪوڙو نڪتو، وائيٽ هائوس آمريڪي صدر جو بيان واپس وٺي ڇڏيو آهي.
آمريڪا فلسطينين جي قتل عام جو حامي آهي ۽ اسرائيل جي وحشياڻي ڪارروائين ۾ ان سان گڏ بيٺو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ڀرپور حمايت جو پيغام کڻي اسرائيل پهتو ۽ وزيراعظم نيتن ياهو سان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسرائيل جي دفاع ۾ آمريڪا سدائين گڏ رهندو.
هن تصديق ڪئي ته حماس جي حملن ۾ 25 آمريڪي به مارجي ويا آهن.
هوڏانهن وائيٽ هائوس اسرائيلي ٻارن جي قتل بابت پنهنجي صدر جو بيان واپس وٺي ڇڏيو، واشنگٽن ۾ يهودي اڳواڻن سان خطاب ڪندي جو بائيڊن چيو هو ته حماس هٿان مارجي ويل ٻارن جون تصويرون ڏٺيون آهن.
You might also like