ڪراچي (رپورٽ: جي ايم کوکر) سنڌ ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ ڌارين جي جلاوطني واري معامري تي وفاق يوٽرن وٺي ڇڏيو.
سمورن صوبن کي رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي گرفتار يا تنگ نه جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن وفاق صوبن جي سمورن چيف سيڪريٽرين، گهرو کاتي ۽ سمورن صوبن جي آءِ جيز کي هڪ خط اماڻيو آهي جنهن ۾ صوبن اندر رهندڙ رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم نامو
جاري ڪيو ويو آهي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جن وٽ رهائش جو ثبوت(POR) ۽ افغان شهريت ڪارڊ آهي انهن کي تننگ نه ڪيو وڃي.