خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور ۾ مسافر وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
خيرپور ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس فرحان شاهه پمپ وٽ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي مسافر وين ۽ ڪار ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
حادثي جو اطلاع ملندي ئي مقامي ماڻهن ۽ پوليس پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو، حادثي جو شڪار مسافر وين سکر کان خيرپور وڃي رهي هئي.
Prev Post
Next Post
You might also like