فلسطين لاءِ هنگامي طور تي 20 ملين ڊالر امداد

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان فلسطينين لاءِ 20 ملين ڊالرن جي هنگامي امداد جاري ڪئي آهي.

امارات جي سرڪاري نيوز ايجنسي WAM موجب امارات فلسطيني ڀائرن کي درپيش ڏکين انساني حالتن کي نظر ۾ رکندي امداد فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

امداد فلسطيني پناهگيرن جي مدد لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪ ايجنسي (UNRWA) ذريعي فراهم ڪئي ويندي.

ياد رهي ته ان کان اڳ اردن ۾ مقرر ڪويت جي سفير حماد المري فلسطيني پناهگيرن جي مدد لاءِ گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪ ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) کي 2 ملين ڊالرن جو چيڪ ڏنو هو.

ڪويت جي سفير چيو ته يو اين آر ڊبليو اي جي مالي مدد جو مقصد فلسطيني پناهگيرن جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ آهي.

UNRWA فلسطيني پناهگيرن جي بنيادي ضرورتن جهڙوڪ سماجي تحفظ، صحت جي سار سنڀار ۽ تعليم مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.