غزا (ويب ڊيسڪ) حماس ۽ اسرائيل ۾ ويڙهه چوٿين ڏينهن به جاري رهي، اسرائيل طرفان غزا جي ناڪابندي سخت ۽ حملا تيز ڪيا ويا آهن.
اسرائيل طرفان غزا ۾ 200 هدفن کي نشانو بڻايو ويو، پناهگيرن جي ڪئمپ تي به حملا ڪيا ويا، ايمبولينسون ۽ امدادي ڪارڪن به اسرائيلي حملن جو نشانو بڻيا.
اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 800 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3800 کان وڌيڪ زخمي آهن.
تازي اسرائيلي بمباري ۾ 3 فلسطيني صحافي به شهيد ٿي ويا، جڏهن ته هيل تائين شهيد صحافين جو انگ 7 ٿي ويو آهي.
اسرائيل غزا جي ناڪابندي وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي آهي، پاڻي، بجلي، خوراڪ ۽ ٻارڻ جي فراهمي مڪمل بند ڪئي وئي آهي، جنهن سبب اڳ ئي ڏکيائين جو شڪار رهواسي وڌيڪ تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
هوڏانهن گڏيل قومن غزا جي مڪمل ناڪابندي کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ان سان شهرين جي بقا خطري ۾ اچي ويندي.
اسرائيلي فوج طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته غزا جي سرحدي ڪنڊيدار تار جو ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو آهي، سومر کانپوءِ غزا مان ڪا دراندازي ناهي ٿي، غزا پٽي جي سرحد تي بارودي سرنگهون به وڇايون پيون وڃن.
ٻئي پاسي حماس جي ترجمان چيو ته القسام بريگيڊ جا مجاهد هن وقت به والاريل علائقن ۾ 22 هنڌن تي وڙهي رهيا آهن، سوين اسرائيلي فوجي حراست ۾ آهن.
You might also like