عبدالله شفيق ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ ئي ڇانئجي ويو، شاندار سينچري

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ کيڏندڙ عبدالله شفيق سريلنڪا خلاف شاندار سينچري اسڪور ڪري ورتي.
حيدرآباد ۾ پاڪستان ۽ سرينلڪا جون ٽيمون آمهون سامهون آهن، جتي سريلنڪا طرفان مليل 345 رنسن جي هدف کانپوءِ پاڪستان طرفان عبدالله شفيق ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي.
امام الحق 12 ۽ ڪپتان بابر اعظم 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا پر ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين ميچ کيڏندڙ عبدالله شفيق ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍيو ۽ شاندار سينچري اسڪور ڪيائين.
عبدالله شفيق 103 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 10 چوڪن جي مدد سان 113 رنسن جي اننگز کيڏي پويلين موٽيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.