اسرائيلي فوج جي ميزائل سسٽم جي اسٽاڪ ۾ وڏي کوٽ جو انڪشاف

فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس طرفان ٽن اسرائيلي شهرن ۾ راڪيٽ حملن کانپوءِ اسرائيلي فوج طرفان جوابي ڪارروائي نه ٿيڻ جو ڪارڻ سامهون اچي ويو.
ترڪ ميڊيا موجب حماس جي اسرائيل تي حملي کانپوءِ اسرائيلي فوج جي ميزائل اسٽاڪ ۾ کوٽ جو انڪشاف سامهون آيو آهي.
ترڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي فوج آئرن ڊوم سسٽم سان ليس ڪجهه يونٽن کي گولا بارود فراهم نه پئي ڪري، اسرائيلي فوج وٽ گائيڊڊ اينٽي ايئر ڪرافٽ ميزائل به محدود انگ ۾ آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج غزا ڀرسان اشڪلون، اشدد، سديرات شهرن تي حماس جي راڪيٽ حملن جو جواب نه ڏئي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.