حماس جي اسرائيل تي ڪاهه، ڪيترن ئي ملڪن ۾ ريليون ڪڍي جشن ملهايو ويو

دنيا جي مختلف ملڪن ۾ فلسطينين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي.
گذريل ڏينهن حماس جي اسرائيل تي منظم ۽ ڪامياب حملي کانپوءِ فلسطينين مختلف علائقن ۾ جشن ملهايو، غزا ۾ اسرائيل جي تباهه ٿيل ٽينڪ ۽ موبائل تي بيهي نوجوانن نعرا هنيا.
ان کانسواءِ ايران ۾ به حماس جي حملن تي جشن جو ماحول آهي، تهران ۾ فلسطين اسڪوائر تي آتشبازي ڪئي وئي، جڏهن ته ترڪيه جي شهر استنبول ۾ به يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، انهن جي هٿن ۾ فلسطين ۽ مزاحمتي تحريڪ حماس جا پرچم کنيل هئا.
يمن جي تخت گاهه صنعا ۾ به فلسطينين جي حمايت ۾ هزارين ماڻهو نڪري آيا ۽ اسرائيل تي ٿيندڙ حملن تي جشن ملهايو.
يمن کانسواءِ عراق ۽ اردن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ حماس جي حمايت ۾ مظاهرا ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.