ملڪ ۾ هر ڪو اچي گهمندو ٿو وتي، افغانين کي واپس موڪليو وڃي: پرويز خٽڪ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽيرينز جي چيئرمين پرويز خٽڪ نگران حڪومت طرفان غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ جي حمايت ڪري ڇڏي.
پشاور ۾ تقريب سان خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته بنا رڪارڊ وارن افغانين کي واپس موڪلڻ گهرجي، ملڪ کي ڪٻاڙ بڻايو ويو آهي، هر ڪو اچي گهمندو ٿو وتي.
هن چيو ته پي ڊي ايم عوام کي گمراهه ڪيو، مان ڪنهن جي خلاف ناهيان، نه وري ڪنهن سان مقابلو ڪرڻ آيو آهيان، ڪرسي نه بهتري چاهيان ٿو ته جيئن عوام کي فائدو پهچي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽيرينز ملڪ ۾ نظام ٺيڪ ڪرڻ سان گڏ سڌارا آڻڻ چاهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.