آئمه بيگ جي وچين آڱر چِٻي ڇو آهي؟

اڪثر تصويرن ۽ وڊيوز ۾ توهان ڏٺو هوندو ته گلوڪارا آئمه بيگ جي هڪ هٿ جي وچين آڱر اڌ ئي نظر ايندي آهي، ڄڻ ته چِٻي هجي.
ان حوالي سان سوشل ميڊيا واهپيدار به سوال ڪندا آهن ته نيٺ ان جي وچين آڱر نظر ڇو ناهي ايندي؟ جنهن تي گلوڪارا وڏو انڪشاف ڪيو آهي.

تازو آئمه بيگ هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي نجي ۽ پروفيشنل زندگي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هن چيو ته اڪثر ماڻهو مون کان آڱر چٻي هجڻ يا تصوير ۾ نظر نه اچڻ بابت سوال ڪندا آهن، پڇندا آهن ته توهان جي آڱر ڪاڏي وئي، اڌ آڱر ڪٿي رهجي وئي، هر وقت ڪيئن هڪ آڱر چٻي رکندا آهيو وغيرا وغيرا.
گلوڪارا انڪشاف ڪيو ته مان پنهنجي وچين آڱر ڄاڻي واڻي ناهيان چٻي ڪندي پر مون کي آرٿرائٽس آهي، جنهن سبب منهنجي آڱر ائين ٿي وئي آهي.
سندس موجب جڏهن مون کي آرٿرائٽس جي سڃاڻپ ٿي ته مان ان کي وڌيڪ اهميت نه ڏني ۽ منهنجي لاپرواهي سبب هڪ آڱر هاڻي سڌي ناهي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.