شهلا رضا سرڪاري گهر خالي نه ڪيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا جي اڳوڻي ميمبر شهلا رضا ۽ فياض ڀٽ هيل تائين سرڪاري گهر خالي ناهي ڪيو، نوٽيس ۾ آيو آهي ته سنڌ جي ٻين اڳونن وزيرن به پروٽوڪول، سيڪيورٽي ۽ مراعتون ناهن ڇڏيون.

انهن ماڻهن کان سرڪاري رهائشگاهه ۽ گاڏي واپس ورتي ويندي، اليڪشن ڪميسن جي حڪمن بعد چيف سيڪريٽري سنڌ سرگرم ٿي ويو آهي، اڳونن وزيرن کان سرڪاري گاڏيون، گهر ۽ مراعتون واپس وٺڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ جي اڳونن وزيرن کان سرڪاري گاڏيون، گهر ۽ مراعتون وٺن بابت گذريل ڏينهن خط بعد چيف سيڪريٽري سرگرم ٿي ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جنرل ايڊمنسٽريشن ڊپارتمينٽ سرڪاري گهر خالي ڪرائڻ لاءِ اڳونن وزيرن کي خط لکيو آهي.

سنڌ ڪابينا جي اڳوڻي ميمبر شهلا رضا ۽ فياض ڀٽ به گهر خالي ناهي ڪيو، اسٽيوٽا جي چيئرمين ۽ اڳوڻي سنڌ اسيمبلي ميمبر سليم جلباڻي به سرڪاري گهر خالي ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.