ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪار سنجي دت هڪ تازي انٽرويو ۾ پنهنجي جيل جي زندگي بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
اداڪار کي 1993ع ۾ ممبئي بم ڌماڪن جي ڪيس ۾ غير قانوني اسلحو رکڻ جي ڏوهه ۾ پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.
هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي اداڪار ٻڌايو ته جيل جي اندر هن پنهنجي شخصيت کي بهتر بڻائڻ تي گھڻو ڌيان ڏنو.
سنجي دت ٻڌايو ته جيل ۾ وقت جو بهترين استعمال ڪندي هن فلمي مسودن جو گھرائي سان مطالعو ڪيو ۽ اداڪاري بابت پنهنجين صلاحيتن ۽ ڄاڻ کي وڌايو.
سندس چوڻ هو ته جيل ۾ هن پنهنجي جسماني ۽ ذهني صحت تي ڌيان ڏنو ۽ جڏهن هو ٻاهر نڪتو ته نفسياتي طور تي هڪ بهتر شخصيت جو مالڪ هو.