2040ع تائين چنڊ تي گھر ٺاهڻ جو منصوبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خلائي اداري ناسا اڏاوتي ٽيڪنالوجي ڪمپني کي 2040ع تائين چنڊ تي گھر ٺاهڻ لاءِ 6 ڪروڙ ڊالرز جي رقم فراهم ڪري ڇڏي آهي. چنڊ تي ٺهندڙ اهي گھر رڳو خلابازن لاءِ ئي نه پر عام ماڻهن لاءِ به هوندا.
منصوبي موجب چنڊ تي هڪ وڏي ٿري ڊي پرنٽر کي لانچ ڪرڻ ۽ چنڊ جي ڇپن، معدني ٽڪرن ۽ مٽِ مان ٺهيل ڪنڪريٽ کي چنڊ جي سطح تي ڍانچو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ آهي.
ان حوالي سان ناسان چنڊ تي ٺهندڙ گھرن جا در، ٽائلز ۽ فرنيچر ٺاهڻ لاءِ يونيورسٽين ۽ ڪمپنين سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. ان ايجنڊا ۾ خلابازن لاءِ مريخ تي رهڻ جوڳي جاءِ ٺاهڻ جو به منصوبو شامل آهي.
چنڊ تي رهائش جو منصوبو اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهي ۽ ايندڙ ڏهاڪي تائين ان جي شڪل ۾ تبديلي ممڪن آهي.
آمريڪي شهر آسٽن ۾ قائم آئڪون نالي ڪمپني (جنهن سان ناسا 2022ع ۾ معاهدو ڪيو هو) زمين تي پنهنجي ٿري پرنٽنگ مهارت جو استعمال ڪندي پنهنجي سسٽم دي ولڪن جي مدد سان شاهاڻا گھر تعمير ڪندي آهي.
اها ٽيڪنالوجي سيمنٽ، مٽي ۽پاڻي جي مرڪب کي هڪ ڌاڳي جي شڪل ڏيندي آهي. اهو ڌاڳو مَسُ طور پرنٽر مان ٻاهر ايندو آهي. گھر جي سمورن حصن (جهڙوڪ ڀتين ۽ ڇت) ڌار پرنٽ ڪئي ويندي آهي ۽ بعد ۾ جوڙي ويندي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.