ورلڊ ڪپ ڪئپٽن ڪانفرنس دوران روهت شرما صحافي کي گار ڏئي ڇڏي!

احمد آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ ڪپتانن جي هڪ ڪانفرنس ٿي جنهن دوران صحافين ٽمين جي ليڊرز کان سوال پڇيا.

ان دوران هڪ صحافي جي سوال تي ڀارتي ڪپتان روهت شرما گار ڏئي ڇڏي.

صحافي سوال ڪيوته گذريل عالمي ڪپ جي فائنل ۾ انگلينڊ کي جهڙي طرح ڪامياب قرار ڏنو ويو ميچ پهريان ٽاءِ ٿي وري سپر اوور به نتيجو نه ڏئي سگهيو، ان تي ٻنهي ٽيمن کي گڏيل طور فاتح قرار ڏيڻ گهرجي، اوهان ان بابت ڇا چوندا.

صحافي جي سوال تي ڀارتي ڪپتان روهت شرما تپي باهه ٿي ويو، سوال پڇڻ واري کي گار ڏني ۽ چيو هي ڪهڙو سوال آهي، ڇا جواب ڏيان ان جو؟ .

روهت شرما جي انداز تي اتي موجود ماڻهو ۽ پاڪستان ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم به کِل روڪي نه سگهيو.

ان موقعي تي انگلش ڪپتان جوز بٽلر بابر اعظم سان گڏ ويٺو هو، هن سواليا انداز ۾ بابرڏانهن ڏٺو ۽ روهت جي ڳالهه جو مطلب دريافت ڪيو جنهن تي بابر اعظم ترجمو ڪري روهت جو جواب جوز بٽلر کي ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.