حمائما ملڪ جو پير ڪير آهي؟ ۽ ان وٽ ڇو ويندي آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا حمائما ملڪ ذهني دٻاءَ جي حوالي سان ڳالهائيندي محمد جاويد نالي مڙس جي سندس زندگي ۾ اهميت بابت ٻڌايو آهي.

حمائما ملڪ تازو هڪ شو ۾ شريڪ ٿي جتي هن ڳالهه ٻولهه ڪئي.

اداڪارا کان پڇيو ويو ته ٻڌو آهي ته اوهان ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو لازمي روئينديون آهيو؟ ڇا اهو سچ آهي؟

ان سوال تي حمائما ملڪ چيو ته ها پهريان ائين هوندو هو پر هاڻي ائين ناهي، مان ننڍي عمر ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، ننڍي عمر ۾ شهرت حاصل ڪئي هئي، مختلف رشتن وٽان دوکا مليا ۽ ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو

پيو جنهن سبب ڊپريشن جو شڪار ٿيس.

هن ٻڌايو ته مان ذهني دٻاءَ جو شڪار ٿي وئي هيس پر مون کي پاڻ کي خبر نه هئي ڇو ته مان ڪم ۾ مصروف رهندي هيس پر پوءِ مان ٽريٽمينٽ ورتو جنهن سبب هاڻي بهتر محسوس ڪري رهي آهيان.

سندس چون هو ته مان پنهنجي ٽريٽمينٽ جو فيصلو ڊرامي جندو جي شوٽ دوران ڪيو ۽ ان جو ڪريڊٽ ڊرامي جي هدايتڪار انجم شهزاد ڏانهن وڃي ٿو جنهن مون کي چيو ته تون هر رات هڪ واري جو گهر ٺاهي ان کي ڊاهي

ڇڏيندي آهين.

هن چيو ته جندو جي شوٽنگ 6 مهينا هلي ۽ اسان رڻ ۾ هياسين جتي پري پري تائين ڪير نه هوندو هو ان لاءِ مان پنهنجي حوالي سان سوچڻ شروع ڪيو ۽ ان نتيجي تي پهتيس ته مان ٻين جو احساس ڪرڻ ۾ ايترو مصروف رهيس جو ڪڏهن پنهنجي دل جو خيال ئي نه ڪيو ۽ ان خيال بعد مان ٽريٽمينٽ جو رستو اختيار ڪيو.

هن پنهنجي مرشد جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي ذهني دٻاءَ مان ڪڍڻ لاءِ مان مشهور ڊاڪٽر جاويد اقبال ۽ پنهنجي مرشد محمد جاويد جي ٿورائتي آهيان، جن منهنجي دل کي سنڀاليو ۽ اڄ مان سڪون جي ننڊ ڪري سگهندي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.