ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ واٽ ويندڙ عورتن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا نه گهٽجي سگهيا، تازي واقعي ۾ يونيورسٽي جي شاگردياڻين سامهون موٽر سائيڪل سوار نازيبا حرڪت ڪئي، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.
وڊيو ۾ موٽر سائيڪل سوار کي شاگردياڻين سامهون نازيبا حرڪتون ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، اوباش نوجوان يونيورسٽي کان گهر ويندڙ شاگردياڻين جي وين جو پيڇو ڪندي نازيبا حرڪتون ڪندو رهيو.
Harrasment Incident: Motorcycle rider ma**urb**ing and chasing a van of female university students at Rashid Minhas Road. One of the girl sat in van made this video. #Karachi pic.twitter.com/cRdS15Te79
— waheed Falak sher (@HamdanWahe57839) October 1, 2023
واقعي جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم رند نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
هوڏانهن ايس ايس پي سينٽرل فيصل عبدالله چاچڙ ٻڌايو ته واقعو راشد منهاس روڊ تي مشهور شاپنگ سينٽر ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس وٽ پيش آيو.
سندس چوڻ هو ته شروعاتي اطلاعن موجب وڊيو ڪجهه ڏينهن پراڻي آهي، جنهن بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته متاثر شاگردياڻين سان رابطي جي ڪوشش به ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته جيڪڏهن متاثر شاگردياڻين پوليس سان رابطو نه ڪيو ته سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جوابدار جو پتو لڳائي کيس جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو.