پاڪستان حڪومت آءِ ايم ايف کي ڪو به نئون ٽيڪس لڳائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جي حوالي سان آءِ ايم ايف کي واضح ڪري ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽينڊ باءِ معاهدي جي ٻي قسط جي معاملي تي آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ ورچوئل رابطو ٿيو.
حڪومتي ذريعن موجب حڪومت آءِ ايم ايف کي واضح ڪيو ته نگران حڪومت نئون ٽيڪس نه لڳائيندي، ايف بي آر ڪو نئون ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بنا ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مالياتي اداري کي آڪٽوبر جي پهرئين هفتي ۾ معاشي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن ته آءِ ايم ايف کان قرض جي ٻي قسط تي ڳالهيون آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ حڪومت ٽيڪس چورن خلاف ڪارروائين جي پلان تي آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪري ڇڏيو، هلندڙ مالي سال جولاءِ کان سيپٽمبر تائين اوڳاڙين جي ڊيٽا ايندڙ هفتي پيش ڪري سگهجي ٿو.
واضح رهي ته ايف بي آر هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽن مهينن ۾ هدف کان وڌيڪ روينيو گڏ ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.