شاهه رخ خان طرفان عيد ميلاد النبي صه جون واڌايون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان مسلمانن کي عيد ميلاد النبي صه جون واڌايون ڏنيون آهن.
پاڪستان ۽ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ 12 ربيع الاول جي شروعات ٿي وئي، عيد ميلاد النبي صه جي سلسلي ۾ محفلن جو اهتمام ڪيو پيو وڃي.
ان حوالي سان بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان ايڪس تي هڪ پوسٽ لکي، جنهن ۾ هن چيو ته اچو هن ڏينهن هڪٻئي سان مهرباني، همدردي ۽ نيڪ هجڻ خوبين جو جشن ملهايون.

هن وڌيڪ چيو ته سڀني کي عيد ميلاد النبي صه جون خوشيون مبارڪ، هر هڪ کي، جنهن سان توهان ملندا آهيو ڀاڪر پايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.