ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نواز ليگ اڳواڻ محمد زبير چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيڪڏهن جيل ۾ آهي ته هن اهڙا بيانيا ٺاهيا هئا جنهن جي ڪري جيل ۾ آهي ۽ اسان جي قيادت جيل ڀوڳي چڪي آهي.
اليڪشن جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته اليڪشن وقت تي ٿيڻ گهرجي ۽ تڪبندين جي حوالي سان ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته نواز شريف جي پاڪستان آمد تي سندس شاندار آجيان ڪئي ويندي ۽ ڪوشش ڪئي ويندي ته ان ۾ ثقافتي ڏيک به اچي.
اسد عمر، محمد زبير جو ڀاءُ آهي پر اسد عمر پي ٽي آءِ جو اڳواڻ آهي.
جڏهن کانئس صحافي پاران اهو پڇيو ويو ته هن پنهنجي ڀاءُ کي ن ليگ ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي يا نه؟ تنهن تي محمد زبير چيو ته مون کيس ڪڏهن دعوت ناهي ڏني ۽ نه ئي هن ڪڏهن چيو آهي ته هو شامل ٿيندو پر جيڪڏهن هو اچڻ چاهي ٿو ته اسان کيس شامل ڪري وٺنداسين.