”12 ربيع الاول تي روڊن تي ڪٿي به رنڊڪون نظر نه اچن“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شهر جي مختلف علائقن ۽ روڊن جو دورو ڪندي چيو آهي ته 12 ربيع الاول جي موقعي تي روڊن تي ڪٿي رنڊڪون نظر نه اچن.
مرتضيٰ وهاب روڊن جي تعمير ۽ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺندي چيو ته سڄي شهر جي روڊن تان هر قسم جون رنڊڪون هٽايون وڃن.
ڊائريڪٽر اينٽي انڪروچمينٽ عمران راجپوت مختلف روڊن تي جاري ڪارروائين تي بريفنگ ڏني، مرتضيٰ وهاب چيو ته پي آءِ ڊي سي بيمائونٽ روڊ کي نو پارڪنگ زون بڻائي رهيا آهيون.
مرتضيٰ وهاب شاهين ڪامپليڪس، عبدالله هارون روڊ، موبائل مارڪيٽ ۽ زيب النساء اسٽريٽ جو دورو ڪيو.
ڪراچي جي ميئر آغا خان روڊ، صدر، ايٽريم مال ۽ بوهري بازار جو پڻ دورو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.