ڇوڪريون وقت کان اڳ بالغ ٿيڻ جو اهم سبب دريافت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ فونز يا ٽيبليٽ جهڙين ڊيوائسز مان خارج ٿيندڙ نيري روشني وقت کان اڳ بالغ بڻجڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

گهٽ ۾ گهٽ ڪوئن ۾ ائين ڏٺو ويو آهي.

اها ڳالهه ترڪيا ۾ ڪيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

غازي يونيورسٽي ۽ انقره بلقان سٽي هاسپيٽل جي هن تحقيق ۾ پهريون ڀيرو ڊوائسز جي نيري روشني ۽ نر ڪوئن ۾ وقت کان اڳ بالغ ٿيڻ ۾ واسطو ٻڌايو ويو.

ياد رهي ته تازو ڪيل تحقيقن م ٻڌايو آهي ته ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾ وقت کان اڳ بالغ ٿيڻ جي شرح وڌي آهي ۽ خاص طور تي ائين ڪورونا وبا دوران ٿيو.

نئين تحقيق جي نتيجن مان اشارو ملي ٿو ته نيري روشني خارج ڪندڙ ڊيوائيسز جو گهڻو استعمال به ٿي سگهي ٿو، پر اڃا حتمي طور تي ڪجهه چوڻ ممڪن ناهي.

محققن چيو ته اسان دريافت ڪيو ته ڊيوائسز جي نيري روشني سان مخصوص هارمونز جي سطح ۾ تبديلي ايندي آهي اڃا اهي نتيجا ٻارن تي لاڳو ناهن ڪيا ويا پر ان جو خطرو وڌڻ جو عنصر ضرور سمجهڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.