گاڏين جي شوقينن لاءِ اهم خبر اچي وئي ته ٽويوٽا گاڏيون ٺاهيندڙ انڊس موٽرز عارضي بندش جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪچي مال جي موجوده صورتحال کي ڏسندي ٽويوٽا ڪمپني پيداواري پلانٽ 28 سيپٽمبر کان 9 آڪٽوبر تائين بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ٽويوٽا گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني جون ڏکيائيون نه گهٽجي سگهيون، انڊس موٽرز ڪمپني انتظاميا پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي ان حوالي سان خط لکي ڇڏيو آهي.
انڊس موٽرز پيداواري پلانٽ 28 سيپٽمبر کان 9 آڪٽوبر تائين عارضي طور بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته موجوده ڪچي تيل جي اسٽاڪ جي صورتحال کي ڏسي 12 ڏينهن پلانٽ عارضي طور بند ڪيو ويندو ۽ عارضي بندش ۾ جيڪڏهن ڪا تبديلي ٿي ته ان کان به آگاهه ڪيو ويندو.
انڊس موٽرز جو چوڻ آهي ته نين گاڏين جي طلب ۾ گهٽتائي ۽ ڪچي تيل جي درآمد ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهيون.
You might also like