معيشت ۾ 65 سيڪڙو ڏيندڙ سنڌ سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي: پ پ جون اليڪشن ڪميشن کي ميارون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن تي قوم کي مونجهاري مان ڪڍي.
سعيد غني سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ڇڏيو ته 90 ڏينهن ۾ چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، افسوس ته اي سي پي اڃا تائين چونڊن جي تاريخ ناهي ڏني، چونڊن تي خدشا وڌي رهيا آهن، قوم کي مونجهاري مان ڪڍيو وڃي.
هن چيو ته ڪنهن به پارٽي تي پابندي ناهي، سڀني کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي آزادي آهي، قوم سان اصل زيادتي چونڊن جي تاريخ نه ڏيڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن سنڌ سان رويو سٺو نه رکيو، ڪنهن صوبي ۾ ترقياتي ڪمن تي پابندي نه هجڻ گهرجي، بجيٽ ۾ شامل ۽ منظور ٿيل اسڪيمن جي فنڊ کي منجمد ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪا پابندي ناهي، سنڌ ۾ پابندي آهي.
نثار کهڙي چيو ته جيڪو صوبو معيشت ۾ 65 سيڪڙو ڏئي ٿو، ان سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.