پنهنجي ماءُ، ڀينرن ۽ زالن کي خودمختيار ٿيڻ ڏيو: زالي سرحدي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ماڊل زالي سرحدي عورتن جي حقن ۽ عورت مارچ بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجو جسم منهنجي مرضي جو واسطو لباس سان ناهي، پنهنجي ماءُ، ڀينرن ۽ زالن کي خودمختيار ٿيڻ ڏيو.
زالي سرحدي ان کان اڳ به عورتن جي حقن تي ڳالهائيندي رهندي آهي، اداڪارا هلندڙ سال عورت مارچ جي مهم جو حصو به بڻي هئي.
تازو ئي اداڪارا هڪ ڀيرو وري عورت مارچ بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
هن هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن انٽرويو دوران پنهنجي ڪيريئر، ڊپريشن، عورتن ۽ جانورن جي حقن بابت ڳالهايو.
پوڊ ڪاسٽ جي شروع ۾ ادڪارا پنهنجي صحت بابت ڳالهائيندي چيو ته مون کي ڊگھي عرصي کان هائپو ٿائرائڊ آهي، پر هاڻي ڪافي بهتر ٿي ويو آهي، ٿائرائڊ کي بيماري ناهي سمجهيو ويندو پر ان جي ڪري جسم ۾ شديد علامتون ظاهر ٿينديون آهن جن ۾ وارن جو ڇڻڻ، ڊپريشن ۽ ٻيا مسئلا شامل آهن.
هن چيو ته ٿائرائڊ ٿيڻ سبب منهنجو جسم پکڙجڻ شروع ٿي ويو هو، ان جي حل لاءِ آئون پنهنجي خوراڪ تي ڪنٽرول ڪيو ۽ ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو.
ان کانسواءِ عورتن جي حقن بابت ڳالهائيندي اداڪارا جو چوڻ هو ته اسان ڊگھي عرصي تائين عورتن جي حقن ۽ برابري لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، عورت مارچ سان مون کي ڪو به مسئلو ناهي، آئون پاڻ ان مارچ جو حصو رهي آهيان.
هن چيو ته منهنجو جسم منهنجي مرضي ۾ ڇا غلط آهي؟ پر ماڻهن ان کي غلط سمجهي ورتو آهي، ان جو واسطو لباس سان ناهي آهي.
اداڪارا چيو ته منهنجو جسم منهنجي مرضي جو مطلب آهي ته اوهان منهنجي جسم کي منهنجي مرضي جي خلاف ڇُهي به نٿا سگھو، اوهان پنهنجي ماءُ، ڀينرن ۽ زالن کي خودمختيار ٿيڻ ڏيو.
اداڪارا جانورن جي حقن تي ڳالهائيندي چيو ته هوءَ جانورن تي تشدد ٿيندي ناهي ڏسي سگھندي، هوءَ جانورن جي حقن بابت به مختلف پليٽ فارمز تي آواز اٿاريندي رهندي آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جڏهن ماڻهن جو خيال ناهيون رکي سگھندا ته جانورن جو خيال ڪيئن رکنداسين، ڪراچي ۾ چڙيا گھر کي بلڪل بند ڪرڻ گھرجي، جانورن تي تشدد ڪرڻ غلط آهي، مون کي سمجهه ۾ ناهي ايندو ته ماڻهو جانورن سان بُرو رويو ڇو اختيار ڪندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.