بغل ڌوئڻ سان به ڌپ نٿي وڃي، هي طريقو آزمايو

گرمين ۾ پگھر اچڻ سبب بغلن مان بوءِ ايندي آهي جيڪا اوهان لاءِ شرمندگي جو سبب بڻجڻ سان گڏ سامهون ويٺل شخص لاءِ ڏکيائي جو سبب بڻبي آهي.
گھڻا ماڻهو سمجهندا آهن ته صفائي جو خيال نه رکڻ يا گھڻن ڏينهن تائين نه وهنججي ته بغل مان بوءِ ايندي آيه پر گرمي موسم ۾ انسان جيترو وٺيس وهنجي وٺي، پگھر ايندي ئي بغلن مان بوءِ اچڻ لڳندي آهي.
پر هاڻي بغلن مان بوءِ ڪا پريشاني يا مسئلو ناهي رهيو ڇو جو اڄ اسان اوهان اهڙي ڪمال جي شيءِ ٻڌائي رهيا آهيون جنهن جي استعمال سان اوهان اها ڏکيائي منٽن ۾ سولي ٿي ويندي.
ان ڏکيائي جي حل جو نالو ”ڦٽجي“ آهي، جي ها! ڦٽڪي اڇي رنگ جو هڪ قدرتي ڪيميڪل هوندو آهي جيڪو مارڪيٽ مان ٽڪرن جي صورت ۾ سولائي سان ملندو آهي، ڦٽڪي بهترين جراثيم ڪش جي طور تي ڪم ڪندي آهي، ان سان جراثيم پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڦٽڪي سان بغلن جي بوءِ ڪيئن ختم ڪجي؟
ڦٽڪي سان بغلن جي بوءِ ختم ڪرڻ جا ٻه سولا طريقا آهن.
1-جيڪڏهن اوهان وهنجڻ وقت شاور بدران ٽب يا بالٽي جي چونڊ ڪندا آهن ته ان ۾ پاڻي وجهي ڦٽڪي جي ٽڪري سٺي طرح گڏائي ڇڏيو، اهڙي طرح اهو ڦٽڪي وارو پاڻي بڻجي ويندو، ان سان وهنجڻ سان پگھر نه ايندو ۽ جسم مان بوءِ به نه ايندي.
2-ٻيو سولو طريقو اهو آهي ته اوهان ڦٽڪي جو ٽڪرو کڻُ ۽ ان کي آلو ڪري ٻنهي بغلن تي مليو، هاڻ اوهان جي بغلن مان بوءِ بلڪل نه ايندي، وهنجڻ کان پوءِ ان عمل کي معمول بڻائي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.