ملڪ رياض کي وڌيڪ ڇوٽ نه ملندي، خراب وقت شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪندڙ ملڪ رياض پنهنجي بحريه ٽائون جي ڪري وڌيڪ مقبول ٿيو ڇو ته بحريه ٽائون تڪراري هجڻ جي باوجود هو اهو ڪم انجام ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ملڪ رياض کي وڏن اميرن ۾ ڳڻيو ويندو آهي ۽ نه رڳو هن ڪراچي پر لاهور ۾ ڪاميابي سان بحريه ٽائون جو منصوبو انجام ڏنو آهي ۽ مٿس الزام لڳندا رهيا آهن ته هو بااثرن جي سهڪار سان زمينن تي والار ڪري پاڻ به فائدو وٺي ٿو ته ٻين کي به فائدو پهچائي ٿو.

سينيئر صحافي رضي دادا موجب ملڪ رياض هڪ نجي ٽي وي کي حاصل ڪيو آهي پر کيس ان تي قبضو ڄمائڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. جڏهن ته چينل جي آفيس ۾ ملڪ رياض جا ماڻهو مختلف کاتن ۾ اچي ويا آهن، جن ۾ اڪائونٽس ڊيپارٽمينٽ به شامل آهي. پر هيل تائين مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

اوهان کي ٻڌائيندا هلون ته ڪنهن به نيوز چينل جي آنرشپ تبديل ٿيڻ جي حوالي سان پاڪستان ۾ قانون واضح آهي، پيمرا جي رولز موجب چينلز جي آنرشپ تبديل ناهي ٿيندي پر هتي تي انڌو قانون آهي، ماڻهو چينل خريد ڪرڻ اهو طريقو اختيار ڪندا آهن ته مثال طور ڪمپني جا 6 ڊائريڪٽر آهن ته انهن مان هڪ کي برقرار رکيو ويندو ۽ ٻين کي تبديل ڪيو ويندو ۽ جيڪو پراڻو ڊائريڪٽر هوندو ان وٽ رڳو ڪاغذن ۾ اختيار هوندو پر ان کي استعمال نه ڪري سگهندو. پيمرا سان ملي ڀڳت جي نتيجي ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن آهي پر جڏهن خلائي مخلوق جي ڳالهه هجي ته پوءِ پيمرا مداخلت ناهي ڪندو.

ملڪ رياض دبئي مان به ساڳئي چينل کي هلائڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي پر نيوز چينل اتان نٿو هلائي سگهجي، ٻئي ملڪ مان رڳو انٽرٽينمينٽ هلائي سگهجن ٿا، ان حوالي سان هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ به واضح آهي جڏهن ته انگلينڊ ۾ ته ممڪن آهي پر اتان جو قانون ايترو سخت آهي جو غلط خبر تي چينل ئي بند ڪيو ويندو آهي.

هن وقت صورتحال اها آهي ته ملڪ رياض پاڪستاني نيوز چينل حاصل ڪرڻ باوجود ان جا مالڪاڻا حق وٺي ناهي سگهيو ۽ کيس ائين ڪرڻ ڏنو به نه پيو وڃي. ذريعن موجب رياست سان سندس لاڳاپا خراب هلي رهيا آهن ۽ هن ڀيري کيس معاف نه ڪيو ويندو.

ٻئي پاسي ڪراچي ۽ لاهور ۾ بحريه ٽائون کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ بعد سندس نظرون پشاور تي پيون پر اتان ڪافي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، ملڪ رياض پي ٽي آءِ سربراهه جي حڪومت واري دور ۾ جڏهن پشاور ۾ بحريه ٽائون جو منصوبو آڻي رهيو هو ته ايتري مخالفت ڪئي وئي هئي جو هو اتي منصوبو نه آڻي سگهيو هو، ان وقت جي صوبائي حڪومت ملڪ رياض جون آفيسون به سيل ڪري ڇڏيون هيون جنهن بعد هن مبينا طور تي بشريٰ بي بي کي هيرن جو هار ڏنو ته سندس آفيسون کوليون ويون هيون. ان معاملي بابت هڪ مبينا آڊيو به سوشل ميڊيا تي ليڪ ڪئي وئي هئي.

چيو ويندو آهي، ملڪ رياض افغانستان مان اسمگل ٿيندڙ ناڻي ۽ ٻئي ڪاري ناڻي کي وائيٽ ڪرڻ لاءِ بحريه ٽائون پشاور شروع ڪيو هو ته جيئن ماڻهو اهو چئي سگهن ته اسان بحريه ٽائون جو پلاٽ وڪڻي اها رقم حاصل ڪئي آهي ۽ جڏهن ان بابت بحريه ٽائون کان پڇاڻو ڪيو ويندو آهي ته هو چوندا آهن ته اسان کي دبئي مان پيمينٽ ٿي آهي.

ملڪ رياض جو پشاور واري منصوبي تي اندروني طور تي ڪم جاري هو پر ان معاملي بابت هاڻي تازا ترين اطلاع اهي آهن ته پشاور ۾ بحريه ٽائون واري معاملي تي ملڪ رياض خلاف جعل سازي جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. صحافي جي دعويٰ آهي ته ملڪ رياض کي به نه پيو بخشيو وڃي، هاڻي سندس خراب وقت شروع ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.