لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پنهنجي قائد نواز شريف جي ڏيهه واپسي کان اڳ لاهور ۾ 7 جلسا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
جلسن جي شيڊيول جو ٽاسڪ لاهور جي صدر سيف کوکر کي ڏنو ويو آهي، سڀني جلسن سان پارٽي جي چيف آرگنائيزر مريم نواز ۽ نائب صدر حمزا شهباز خطاب ڪندو.
شيڊيول موجب پهريون جلسو اين اي 123 ۽ اين اي 124 ۾ گڏيل طور ڪيو ويندو، ٻيو جلسو نواز شريف جي اباڻي تڪ اين اي 125 ۽ اين اي 126 ۾ ٿيندو.
ن ليگ جو ٽيون جلسو اين اي 127 ۽ اين اي 128 ۾ ٿيندو، جڏهن ته اين اي 135 ۽ اين اي 136 جو الڳ جلسو ڪيو ويندو.
شهباز شريف، راڻا مبشر اقبال ۽ ميان عمران جاويد جي تڪ ۾ به جلسا ٿيندا، خواجا سعد رفيق ۽ سردار اياز صادق جي تڪن ۾ به جلسا ڪيا ويندا.
سمورا جلسا پهرين کان 8 آڪٽوبر جي وچ ۾ ڪيا ويندا، جلسن جي تاريخن جو حتمي اعلان پوءِ ڪيو ويندو.
You might also like