گورنر هائوس ۾ مفت آءِ ٽي ڪورسن جي ٽيسٽ پاس ڪندڙن لاءِ اهم خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر هائوس جي هڪ حصي کي مفت آءِ ٽي تعليم ڏيڻ لاءِ مختص ڪيو ويو آهي، 50 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪندا.
گورنر هائوس جو هڪ حصو شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پڙهائي لاءِ مختص ڪيو ويو آهي، 50 هزار نوجوانن جي فري آءِ ٽي ڪورسن لاءِ 24 هزار اسڪوائر فٽ جو فلور تيار ڪيو ويو آهي.
ايئر ڪنڊيشنڊ مارڪي، ڪيفي ٽيريا، گارڊن ايريا، پارڪنگ سميت خوبصورت فائونٽين ٺاهيو پيو وڃي.
ان حوالي سان گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته آءِ ٽي ڪورسن سان ملڪ کي وڏو فائدو ٿيندو، ملڪ ۾ سياست ٿي رهي آهي ۽ گورنر هائوس ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.