نگران حڪومت عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت نگران وزير محمد علي چيو آهي ته 24 ڪلاڪ گئس فراهم ڪرڻ ممڪن ناهي، سياري ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ٿيندي.
پنهنجي بيان ۾ محمد علي چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ گئس جي فراهمي 20 سيڪڙو گهٽ ٿي، ايل اين جي جا وڌيڪ ڪارگو گهرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون پر انهن جي لاڳت تمام گهڻي آهي.
هن چيو ته سياري ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ ٿيندي، 24 ڪلاڪن گئس جي فراهمي ممڪن ناهي، گئس بنا ضرورت جي استعمال نه ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڊالر جو اگهه وڌڻ سبب مهانگائي آهي، ملڪ ۾ ٽيڪس ڪلچر ناهي، تنهن ڪري بجلي ۽ گئس جي بلن ۾ ٽيڪس لڳندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.