ميٽا طرفان فيسبڪ واهپيدارن کي اهڙي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن جو پهريان ڪڏهن به تصور نه ڪيو ويو هو.
فيسبڪ واهپيدار هاڻي هڪ اڪائوٽ کي ڪيترين ئي ذاتي پروفائلز سان سلهاڙي سگھندا ۽ هر پروفائل تي لاگ آئوٽ ٿيڻ کانسواءِ سوئچ ڪري سگھندا.
اهو اعلان ڪمپني طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ڪيو ويو.
ڪمپني موجب اوهان فيسبڪ جا نوان واهپيدارن آهيو يا ورهين کان ان کي استعمال ڪري رهيا آهيو، اوهان پنهنجي ذاتي ۽ پروفيشنل زندگي کي ڌار رکڻ جا خواهشمند آهيو، يا اوهان چاهيندا هوندا ته هڪ پروفائل کي آفيس سان سلهاڙيل رکو ۽ ٻي کي رڳو دوستن لاءِ.
ميٽا ٻڌايو ته گھڻيون پرسنل پروفائلز تيار ڪري اوهان پنهنجي مرضي سان ان ۾ مخصوص مواد شيئر ڪري سگھندا، جيئن هڪ پروفائل سان واهان جي کاڌن جي محبت ظاهر ٿئي ۽ ٻي دوستن ۽ گھروان سان جوڙي رکي.
ڪمپني ٻڌايو ته واهپيدار هڪ اڪائونٽ سان 4 واڌو فيسبڪ پروفائلز تيار ڪري سگھندا ۽ انهن تي سيٽنگز مينيو جي ذريعي سوئچ ڪري سگھندا.
پر واڌو پروفائلز ڪجهه حد تائين محدود هونديون، جهڙوڪ شروعات ۾ ميسينجر سپورٽ دستياب نه هوندي جڏهن ته مارڪيٽ پليس ۽ پروفيشل موڊ جهڙن فيچرز تائين پهچ به ممڪن نه هوندي.
ميڊيا ٻڌايو ته ان فيچر تي گذريل سال کان تجربا ڪيا پيا وڃن ۽ اسان ماڻهن جي راءِ ٻڌي هئي جيڪي مختلف موضوعن کي آرگنائز ڪرڻ جا خواهشمند آهن.
ڪمپني موجب اسان انسٽاگرام تي ان طرح جي انٽرسٽ بيسڊ اڪائونٽس جي مقبوليت کي ڏٺو آهي ۽ انهيءَ ڪري اسان فيسبڪ تي اهي آپشن آڻڻ لاءِ پرجوش آهيون.
اهو فيچر سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويوآهي سڀني واهپيدارن تائين ان کي پهچڻ ۾ ڪجهه هفتا يا مهينا لڳي سگھن ٿا.
نيون پروفائلز ڪيئن بڻائجن؟
ان لاءِ فيسبڪ جي ڊيسڪ ٽاپ ورجن يا ايپ تي مٿي ساڄي پاسي موجود پنهنجي پروفائل اميج تي ڪلڪ ڪريو ۽ اتي see all profiles آپشن جي چونڊ ڪريو.
ان کان پوءِ Create new profiles تي ڪلڪ ڪري نئين پروفائل لاءِ يوزر نيم لکو ۽ پوءِ پسند جي ماڻهن يا ڪميونٽيز سان ڪنيڪٽ ڪري وٺو، ائين ڪرڻ تي هر پروفائل جو فيڊ مختلف ٿي ويندو.
واضح رهي ته ڪمپني طرفان جولاءِ 2022ع ۾ ان فيچر جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ هاڻي وڃي ان کي واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.