ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسمارٽ موبائيل ٺاهيندڙ چيني ڪمپني شيائومي پنهنجي برينڊ ريدمي جا ٽي پرو نوٽ فونز پيش ڪري ڇڏيا آهن.
ڪمپني پهريون ڀيرو 200 ميگا پڪسل ۽ فنگر پرنٽ سينسر سان فونز پيش ڪيا آهن.
ريڊمي نوٽ، نوٽ 13 پرو ۽ نوٽ 13 پرو پلس کي پيش ڪيو آهي ۽ ڪمپني جو سڀ کان بهترين فون پرو 13
پلس آهي جنهن جي ڪيمرا 200 ميگا پڪسل آهي.
هي به ڏسي سگهو ٿا.
فونز جي اسڪرين 6.67 انچ ۽ 5 هزار ايم اي ايڇ جي بيٽري ڏني وئي آهي، ٽنهي فونز کي 8، 12 ۽ 16 جي بي ريم ۽ 128، 256 ۽ 512 جي بي ميموري سان پيش ڪيو ويو آهي.
فون اينڊرائيڊ 13 جي آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪن ٿا.سڀ کان گهٽ ريم 8 جي بي ۽ 128 جي بي واري فون ريڊمي نوٽ جو اگهه 47 هزار رپيا، ريڊمي 13 پرو 60 هزار رپيا، 16 جي بي ۽ 512 جي بي ميموري وارو 13 پرو 83 هزار رپين ۾ ملندو.
سڀ کان بهترين ريڊمي 13 پرو پلس 12 جي بي ريم ۽ 256 جي بي ريم سان 79 هزار رپيا ۽ 16 جي بي ريم ۽ 512 جي بي ميموري سان 91 هزار رپين ۾ ملندو.
هي به ڏسي سگهو ٿا