”چونڊون جڏهن به ٿيون پ پ وڏو سرپرائز ڏيندي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو آهي ته چونڊون جڏهن به ٿين پ پ وڏو سرپرائز ڏيندي.
صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ سڄي ملڪ مان ڪامياب ٿيندي، پاڪستان جو ڪو هڪ ليڊر ٻڌايو، جنهن جوڙڻ جي ڳالهه ڪئي هجي، اڪيلو آصف زرداري آهي، جيڪو دشمن ۽ مخالف کي به گڏ ويهارڻ جي ڳالهه ڪندو آهي.
هن چيو 20 جماعتن جو اتحاد به ٺهي ته ان کي شڪست ٿيندي، اسان چاهيون ٿا ته آئين ۽ قانون موجب چونڊون ٿين، بلاول ڀٽو زرداري هن ملڪ لاءِ هڪ اميد آهي، ملڪ جي مسئلن جو واحد حل اسان جي ليڊر شپ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.