گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ سرڪاري گاڏين جو تمام گهڻو استعمال روڪن لاءِ گاڏين تي آفيشل لوگو لڳائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري محيءُ الدين واني صوبي جي سڀني ضلعن ۾ سرڪاري گاڏين تي آفيشل لوگو پرنٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ايڪس تي شيئر ڪيل سيپمل ۾ گاڏي سامهون حڪومت جو لوگو، جڏهن ته پاسي تي ”هيءَ گاڏي ٽيڪس گذارن جي ملڪيت آهي“ لکيل آهي.
نوٽيفڪيشن موجب گاڏين جو گهڻو استعمال روڪڻ لاءِ اهو قدم کنيو ويو آهي.
گلگت: تمام سرکاری محکموں کے زمہ داروں کو ہدایت کی گئی ہے کہ وہ اپنی گاڑیوں کو اس طرح سے برانڈڈ کریں کہ ان الفاظ اور لوگو کو فوری طور پر ظاہر کیا جا سکے۔ اس سے سرکاری گاڑیوں کے غلط استعمال کو روکنے میں مدد ملے گی۔ pic.twitter.com/Jej2G6bxPL
— Information Department, Gilgit-Baltistan (@infogbgovt) September 21, 2023