ايف آءِ اَي، سي ڊي اي جي چئن آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي ڪارپوريٽ ڪرائيم سرڪل اسلام آباد ڪاروائي ڪندي ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي سي ڊي اي جي چئن آفيسرن جون ضمانتون رد ٿيڻ تي کين گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدار سي ڊي اي ۾ پلاٽن جي جعلي الاٽمينٽ ۾ ملوث آهن، جوابدارن سيڪٽر ڊي تيرهن ۾ ڪيترن ئي پلاٽن جي جعلي الاٽمينٽ ۽ اين ڊي سيز جاري ڪئي.

گرفتار جوابدارن ۾ عنايت الله، آفتاب احمد، مختار سولنگي ۽ محمد شيراز شامل آهن.

ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار عنايت الله سي ڊي اي ۾ اسسٽنٽ ڊاريڪٽر آهي جڏهن ته آفتاب احمد اسٽيٽ مينيجمينٽ آفيسر ۽ مختار سولنگي ڊيلنگ اسسٽنٽ مقرر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.