اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي اينٽي بائيوٽڪ سيرپ ڪيميجل سسپينشن جي حوالي سان الرٽ جاري ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ڊاڪٽرز مريض کي ڪيميجل سسپينشن جو متاثر بيچ استعمال نه ڪرائين.
ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي اينٽي بائيوٽڪ سيرپ جو هڪ بيچ غيرمعياري قرار ڏنو آهي ۽ ڪيميجل سسپينشن جو پراڊڪٽ ري ڪال الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ڊريپ چيو آهي ته ڪيميجل سسپينشن جو بيچ ايم 319 کي غيرمعياري قرار ڏنو ويو آهي، ڪيميجل سسپينشن الڪيمي فارما ليبارٽريز حيدرآباد جي تيار ڪيل آهي، هن جو سيمپل صوبائي ڊرگ انسپيڪٽر ڄامشورو ليبارٽري موڪليو هو، جتي ڪيميجل سسپينشن جي بيچ کي ڊرگ ٽيسٽنگ ليب ڪراچي غير معياري قرار ڏنو.
ڊريپ جو چوڻ هو ته ڪيميجل سسپينشن ري ڪال الرٽ جاري ڪرڻ شهري، ڊاڪٽرز، ڪيمسٽ لاءِ ڪيو ويو ۽ چيو ته ڪيميجل سسپينشن بيڪٽيريل انفيڪشن جي علاج ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، ڊاڪٽر مريض کي ڪيميجل سسپينشن جو متاثر بيچ استعمال نه ڪرائين.
الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته غيرمعياري دوا جو استعمال مريض جي جان لاءِ خطرناڪ ٿي سگي ٿو.