فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ اهم گرفتاري

خيرپور (ويب ڊيسڪ) فاطمه قتل ڪيس ۾ راڻي پور درگاهه جي گادي نشين پير سورج دستگير جي ڀاءُ شاهه زيب شاهه کي حراست ۾ ورتو ويو.
راڻي پور ۾ فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي، پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي راڻي پور درگاهه جي گادي نشين پير سورج دستگير جي ڀاءُ شاهه زيب شاهه کي گرفتار ڪري ورتو.
هوڏانهن فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ ٽيون ڀيرو جاچ آفيسر تبديل ڪيو ويو ۽ جاچ ايس پي سي ٽي ڊي حوالي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.