ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بينڪ بينڪاري شعبي جي ڇهن مهينن جي ڪارڪردگي جي جائزي واري رپورٽ جاري ڪري ڇڏي اهي جنهن ۾ سندن ڪارڪردگي ۽ مضبوطي جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.
جائزي ۾ جنوري کان جون 2023 تائين لاءِ بينڪاري شعبي جي ڪارڪردگي، مضبوطي جو اندازو لڳايو ويو.
رپورٽ ۾ مالي مارڪيٽن جي ڪارڪردگي جي مختصر جائزي ۽ نظام کي خطري واري سروي کي به شامل ڪيو ويو.
سال 2023 جي پهرين 6 مهينن ۾ معاشي ماحول جي ڏکيائي جو سلسلو جاري رهيو، ملڪي مالي حالتون سخت، مهانگائي، ڊگهي بي يقيني جي ڪري آپريٽنگ جو ماحول دٻاءَ ۾ رهيو.
رپورٽ موجب بينڪاري شعبي جي بيلنس شيٽ ۾ 14 سيڪڙو واڌ ٿي. اثاثن جي معيار ۽ منافعي ۾ به بهتري نظر آئي، قرض جي ادائيگي واري صلاحيت ۾ بهتري ائي آهي.